ميھڙ(ن پ ا) راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جي نئين مقرر ٿيل ٽائون آفيسر سڪندر ڀٽي کي چارج نه ملي، بدلي باوجود اڳوڻو ٽائون آفيسر ڪاروھنوار ھلائڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، نئين مقرر ٿيل ٽائون آفيسر سڪندر ڀٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار جي آرڊر تحت راڌڻ ٽائون تي پھرين نومبر تي پنھنجي ڊيوٽي جوائن ڪري رپورٽ اختيارين کي موڪلي ڇڏي آھي. مون کان اڳ ايڊيشنل چارج تي منور ظريف ٽائون آفيسر مقرر ھو جنھن کي ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آھي،  پر ان باوجود ھو غير قانوني طريقي سان ٽائون جو وھنوار ھلائي رھيو آھي. ھن الزام هڻندي چيو ته بدلي ڪيل ٽائون آفيسر منير ظريف 65 لک جا فنڊ مختلف ٺيڪيدارن جي نالي سان جاري ڪري ڇڏيا آھن، سنڌ بئنڪ کي اڪائونٽ بند ڪرڻ لاءِ ليٽر لکيو ھو پر ٽائون آفيسر ، اڪائونٽنٽ ۽ سنڌ بئنڪ وارا گڏجي غير قانوني طريقي سان پئسا ڪڍرائي خرچ ڪري رھيا آھن، اھڙو اطلاع به اعلي اختيارين کي ڏنو آھي.منور ظريف ۽ اڪائونٽنٽ مشتاق سومرو مون کي ڪم ڪرڻ نه پيا ڏين. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل ٽائون آفيسر منور ظريف ٻڌايو ته 15 ڏينھن کان آفيس ويو ئي ناھيان، سڪندر ڀٽي جي آرڊر ۽ پئسا ڪڍرائڻ بابت ڪا به خبر ناھي.