راڌڻ(ن پ ا) سموري سنڌ جيان تاريخي ڳوٺ صوڀو خان مگسي ۾ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌي ادبي سنگت شاخ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ريلي ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ صوڀو خان مگسي جا اڳواڻ صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي مين روڊ تي پهتي ، جتي مظاهرين پاران ڇتي نعريبازي ڪندي ڪينال ڪڍڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو ، ان موقعي تي شاعر نور محمد لاکير، بگن عابد آڳرو، زخمي زاهد سهارڻ، وفا اشفاق مگسي، سيد مومن شاهه، عمران مگسي، ۽ ٻين چيو ته وفاق سدائين سنڌ سان ظلم ڪندي سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي ڏيڍ سئو سال کان سنڌي قوم درياءَ بچائڻ جي جنگ ۾ جٽيل آھي، دريا تي قابض ڌريون پهريان کان ئي سنڌو مٿان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهي انڊس ڊيلٽا کي تباهه ڪري ڇڏيو آھي ، مٿان وري ڇهه نوان ڪينال ڪڍي سنڌ جون زرخيز زرعي زمينون تباهه ڪرڻ چاهن ٿا مظاھرين عالمي ادارن توڙي وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪينال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ پرامن احتجاج جاري رهندا.