راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ ٻهرو صاحب خان لغاري ۾ ڪرڪيٽ ڪلب ٽورنامنٽ جو فائنل بچا اليون ۽ بوزدار اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو، فائنل جي ٽاس بچا اليون کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو بچا اليون اٺن اوورن ۾ 125 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو جنهن مان بهترين رانديگرن افان نظاماڻي 34 رنسون ٺاهيون جڏھن ته حسنين نظاماڻي 43 رنسون ٺاهي مين آف دي ميچ پنهنجي نالي ڪيو جڏھن ته ٻي اننگ ۾ بوزدار اليون صرف 105 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، بچا اليون جي ڪپتان ذلقر نين لغاري بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي بوزدار اليون جي بهترين رانديگرن جون وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون، آخر ۾ مهمان خاص پاڪستان پپلز پارٽي راڄو خاناڻي وارڊ 3 جي ڪائونسلر مير علي رضا ٽالپر ونر ٽيم بچا اليون ۽ رنر ٽيم بوزدار اليون کي ڪيش انعام ۽ ٽرافيون پنھنجي ھٿن سان ڏنيون ، مين آف دي ميچ جو انعام حسنين نظاماڻي کي ڏنو ويو، ٽورنامنٽ جي آرگنائزررئيس ثاقب حسين لغاري جي طرفان مهمان خاص مير علي رضا ٽالپر ۽ ارسلان قمبراڻي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.