راڄوخاناڻي(ن پ ا) سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف راڄوخاناڻي ۾ ريلي ، مظاھرو ۽ ڌرڻو، خبر موجب سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف عوامي مدد گار ڪميٽي جي سڏ تي راڄوخاناڻي ۾ واپڊا آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شعيا علماءَ ڪائونسل، سنڌ ترقي پسند پارٽي، نوجوان اتحاد، ھندو پنچائت، جسقم ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي جي اڳواڻي ريحان شاھه، عبدالرحمان نظاماڻي، مير لطيف ٽالپر، مولانا آفتاب عالم جوڳي، مولوي رمضان آرائين، غلام محمد ٽالپر، قاسم ڀرڳڙي، شعيب شاد، مير عاشق ٽالپر، صمد نظاماڻي، عادل نظاماڻي، بابر نظاماڻي، عرفان چانڊيو، ديوان اجي ڪمار لوھاڻا ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، مظاھرين جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا، جن تي ڪئنال نامنظور، سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا مطالبا لکيل ھئا، ريلي سڄي شھر مان گذرندي درياهه تي ڌاڙو نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندي ماتلي تلھار مين روڊ جي سلطاني واھه واري پل تي پھتي جتي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو،