راڄوخاناڻي (ن پ ا) راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير محمد بخش مھر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي ھدايتن تي بدين ۾ جاري رهندڙ ونٽر ڪوچنگ ڪيمپ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو اختتامي تقريب ۾ ملاکڙي، ڪراٽي، بيڊ منٽن، فٽبال ۽ ڪرڪيٽ جي رانديگرن کي سرٽيفڪيٽ ڏيندي ضلعي اسپورٽس آفيسر بدين انور علي روشن چيو ته رانديون انساني زندگي جو اهم حصو آهن، جيڪي نه رڳو جسماني صحت پر ذهني سڪون ۽ نشونما لاءِ به انتهائي ضروري آهن. انهن جو اثر هر عمر جي ماڻهن تي مثبت پوي ٿو، خاص طور تي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ، ڇو ته اهي سندن مجموعي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون گڏجي کيڏڻ سان ٻارن ۾ سماجي ميل جول وڌي ٿو، ۽ اهي ٽيم ورڪ سکڻ ۾ مدد وٺن ٿا رانديون زندگي ۾ متوازن ترقي لاءِ ضروري آهن. اهي نه صرف جسم کي توانائي ڏين ٿيون پر دماغ کي به تيز ۽ متحرڪ رکڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. تنهن ڪري، هر فرد کي پنهنجي روزاني زندگي ۾ راندين کي شامل ڪرڻ گهرجي ته جيئن جسماني ۽ ذهني صحت کي بهتر بڻائي سگهجي هن چيو ته راندين جي فروغ لاءِ والدين، استادن، سماجي ۽ سياسي اڳواڻن کي اڳتي اچڻو پوندو ته جيئن اسان جا ٻارڙا ۽ نوجوان صحتمند، ذهين ۽ ذميوار شهري بڻجي سگهن.