راڄوخاناڻي(ن پ ا) راڄوخاناڻي ۾ 9 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، ماتمي جلوس سان گڏ امام حسين عليه السلام جي ضري مبارڪ امام بارگاھه سيد گل شاھه بخاري کان وابڊا آفيس چوڪ تائين پھتو، جتي هن ماتمي جلوس ۾ علائقي واسين عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ۽ زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو. عزادارن لاء طبعي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي. ڪربلا جي اسيرن جي ياد ۾ غم حسين ملهائي رهيا آھن، جڏهن ته شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن علامه محمد حسن جعفري، سيف الله قمبراڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخلتف روڊن رستن کان ٿي ڪري مک چونڪ تي پهچي محمد حسن جعفري ، غلام مرتضي خاصخيلي، سيف الله قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته ڪربلا جي شھيدن جي لازوال قربانين اسلام کي بچايو آهي ۽ امامن اها قرباني ڏني ۽ پنهنجا معصوم کير پياڪ ٻچڙا به قربان ڪري ڇڏيا آھن. انھن شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ پوري دنيا ۾ سلام ياحسين جون صدائون بلند آهن. آخر ۾ اهل اسلام لاءِ دعا گهري وئي، مجلس ۾ اي سي تلھار عبدالغفار ملاح، ٽائون چيئرمين مير عرفان ٽالپر ، اڳوڻي چيئرمين مير اسلم ٽالپر شرڪت ڪئي جڏهن ته پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا.