راڄوخاناڻي (ن پ ا) عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي صدر مھراڻ درس، تعلقي تلھار جي صدر منجي ڪولھي، ڪامريڊ ھريرام ڪولھي، لکاڏنو خاصخيلي، ھيرو مل ڪولهي، ڀيمچند ڪولھي، سوڀراج ڪولھي ۽ ٻين راڄوخاناڻي ۾ ڪوٺايل عوامي تحريڪ تعلقي تلھار جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي 17 نومبر تي ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ راڄوخاناڻي شھر جي مختلف چوڪن ۽ ڳوٺن ۾ پمفليٽ ورھائي دعوتون ڏنيون ۽ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ ۾ بلڪل ناڪام وئي آھي ۽ اھا اسٽيبلشمينٽ جي غلام بڻيل آھي تنھنڪري سنڌين کي پنھنجي وسيلن ۽ قومي بقاء لاء منظم ٿي جدوجھد ڪرڻي پوندي جڏھن ته پنجاب جا حڪمران پڻ ننڍن صوبن جا حق غضب ڪري ملڪي سالميت لاء خطرو پيدا ڪري رھيا آھن جنھن لاء ملڪ جي خير خواھ ڌرين کي اڳتي اچي ملڪي سالميت ۽ گڏيل مفادن لاء گڏجي حڪمت عملي جوڙي مفاد پرست ٽولي جي رستا روڪ ڪرڻ گھرجي ھنن وڌيڪ چيو ته ارسا ھڪ صوبي جي مفادن لاء ڪم ڪري رھيو آھي جنھن جي فيصلن کي اسين رد ڪريون ٿا ۽ 17 نومبر تي ڪراچيء ۾ درياء جون وارث لکين سنڌياڻيون گڏ ٿي ٿاڦيل حڪمرانن جي غير آئيني ۽ غير جهموري فيصلن کي رد ڪنديون.