راڄوخاناڻي(ن پ ا) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران ڪئنال منصوبن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف راڄوخاناڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ريلي ۽ ڌرڻو، سوين عورتون ۽ شھري شريڪ، سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ واري ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي خلاف راڄوخاناڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران بخشو نظاماڻي اسٽاپ کان راڄوخاناڻي شھر تائين 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي شھر جي مختلف رستن ۽ بازارن کان گشت ڪندي ڪئنال منصوبن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف نعرا ھڻندي ساجن سوائي چوڪ تي پھتي، ريلي ۾ ٻھراڙي سان تعلق رکندڙ سوين عورتون، ھاري، پورھيت ۽ شھري شريڪ ٿيا ريلي ۽ مظاھري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڪبير ڀيل، مھراڻ درس، چمپا ڪولھي ۽ ٻين ڪئي ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو مٿان ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌ مٿان تلوار جيان اڃان تائين لٽڪيل آھي ۽ ان کانسوا۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ جا ناپاڪ ۽ سنڌ دشمن منصوبا اڃان تائين ختم ناھن ٿيا ۽ سنڌين کي غفلت جي ننڊ سمھاري منصوبا مڪمل ڪيا ويندا جنھن لا۽ اسان جي تحريڪ انھن منصوبن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رھندي.