راڄوخاناڻي(رپورٽ: ونود ڪمار اداسي) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ بخشو نظاماڻي جي مين پرائمري اسڪول جي مين گيٽ کي ھڪ با اثر تالا ھڻي اسڪول بند ڪري استادن ۽ شاگردن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنھن سبب استادن ۽ شاگردن ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو، انھي موقعي تي شاگردن ۽ استادن اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد نواز نظاماڻي، شڪيل نظاماڻي ، محمد شعيب ، شاھد علي ٽالپر ، جان محمد نظاماڻي، مس فرحا خان ۽ مس عارفه نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ تدريسي عمل متاثر ٿيڻ خلاف اسڪول جي مين گيٽ اڳيان نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳوٺ جي ھڪ با اثر پاران اسڪول کي تالا لڳائي اسڪول کي بند ڪري اسان کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو ۽ گيٽ کولي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي صورت ۾ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون آھن، اھڙي صورتحال سبب استادن، استادياڻين توڙي شاگردن ۾ ھڪ طرف خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آھي، ته ٻئي طرف تعليم پڻ متاثر ٿي رھي آھي ھنن مطالبو ڪيو ته پرائمري اسڪول کي لڳل تالا ھڪدم کولرائي، سيڪيورٽي فراھم ڪئي وڃي ۽ غنڊا گردي ڪندڙ با اثر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.