راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شھر ۾ ديوان برادري جي نوجوانن ديوان ارون ڪمار، چندر ڪمار، امر ڪمار، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ۽ ٻين پاران مذھبي رواداري کي برقرار رکندي ھر سال جيان هن سال به رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ مسلمان ڀائرن لاءِ افطاري جو اهتمام ڪري پيار، محبت، امن، ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ويو، افطار پارٽي ۾ راڄوخاناڻي ۽ آس پاس جي ڳوٺن سميت سعيدپور، تلھار، ٽنڊو باگو، حاجي سانوڻ ۽ ماتلي مان سياسي، سماجي، مذھبي، واپاري،سول سوسائٽي جي ماڻهن ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پوٽن، ٽائون ڪميٽي راڄوخاناڻي جي ڪائونسلرن مير فيصل ٽالپر، مير حسنين ٽالپر، ٽي او ايجوڪيشن تلھار مير اڪرم ٽالپر، مير منور ٽالپر، اسماعيل شيدي، ريحان شاھه، عبدالرزاق مزاري، عبداللطيف ٽالپر سميت وڏي انگ ۾  روزيدارن شرڪت ڪئي انھي موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ديوان برادري جي نوجوانن رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ افطاري جو اهتمام ڪري مذهبي رواداري، ڀائيچاري پيار، محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آھي، انھي موقعي تي ديوان ارون ڪمار، چندر ڪمار، امر ڪمار، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ھريش ڪمار لوھاڻا، اشوڪ ڪمار، لو ڪش، ڪشور ڪمار خانواڻي، ھريش ڪمار ڏامواڻي، ھندو پنچائت جي صدر ڊاڪٽر ونود ڪمار اداسي ۽ ٻين چيو ته ديوان برادري جي نوجوانن پاران ھر سال رمضان شريف جي مھيني ۾ مسلمان ڀائرن لاءِ افطاري جو اهتمام ڪيو ويندو آھي، جنھن سان مذھبي رواداري، ڀائيچاري سان گڏوگڏ دل کي روحاني سڪون ملندو آھي، آخر ۾ پاڪستان جي سلامتي خوشحالي امن امان سميت سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ دعائون گهريون ويون.