راڄوخاناڻي (ن پ ا) راڄوخاناڻي شھر جي ٽيل موري تي ٻن موٽرسائيڪلن جو آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻنھي موٽرسائيڪلن تي سوار 5 ڄڻا ڪانجي ڪولھي، ھيرو ڪولھي، ميوو ڪولھي، ميگھراج ڪولھي ۽ پريمو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايو ويو، جتي ٽن زخمين کي ابتدائي طبي امداد بعد فارغ ڪيو ويو، جڏھن ته ڪانجي ڪولھي ۽ ھيرو ڪولھي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کين سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، زخمي راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ آنڀو ڪولھي ۽ ڳوٺ عالم خاصخيلي جا ٻڌايا پيا وڃن.