راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ ڏينهن ڏٺي پيرسن عورت جي ڪن مان ڦورو والا ڇِڪي لاهي فرار ٿي ويا. سوشل ميڊيا تي اهڙي واردات جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ پيرسن عورت گهٽي مان گذري رهي آهي، موٽر سائيڪل سوار شخص ڪن مان زوري والا ڇڪي لاهي وڃي ٿو.