راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي ۾ گهريلو ملازمه نينگري تي تشدد، 8 ورهين جي نينگري جا وار ڪتريا ويا، والدين جو چوڻ آهي ته نينگري جي ٻانهن ڀڳي وئي، والدين چيو ته پاڙيسري جي چوڻ تي سندس پٽ جي سار سنڀال لاءِ نينگري کي 6 هزار پگهار تي راولپنڊي موڪليو هو، ٻارن جو کاڌو ختم ٿيڻ تي نينگري مٿان تشدد ڪيو ويو، نينگري جان بچائي خانپور پهتي، پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو وڌيڪ جاچ جاري آهي.