جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي بريت واري درخواست خارج، راولپنڊي جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمر ايوب جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عمر ايوب طرفان بئرسٽر بابر اعواڻ ۽ پراسيڪيوشن طرفان اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر ظهير شاهه دليل ڏنا، 9 مئي 2023 تي پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري بعد احتجاج دوران جي ايڇ ڪيو سميت ٻين حساس هنڌن تي حملا ٿيا هئا، پوليس دهشتگردي ايڪٽ تحت پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا هئا، سڀاڻي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو به امڪان.