ڪڙيو گهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) يوسي راهوڪي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول هادي بخش نوحاڻي جي اسڪول عمارت گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حالي جو شڪار هجڻ سبب گلن جهڙا معصوم ٻارڙا شديد گرمي ۾ کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، انهي حوالي سان ڳوٺاڻن حنيف نوحاڻي، مصطفيٰ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول جي عمارت گذريل ڪيترن سالن کان زبون حال آهي، اسڪول ڪيترن ئي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، فرنيچر ، پاڻي، واش روم سميت ڪي به سهولتون ناهن، جنهنڪري ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، گرمي ۽ سردي ۾ معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، هنن چيو ته هن وقت سخت گرمي جي موسم ۽ هيٽ اسٽوڪ سبب شاگرد ۽ شاگرياڻيون کليل آسمان هيٺ ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، هنن سنڌ حڪومت توڙي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائڻ سان گڏ سموريون سهولتون فراهم ڪري ٻارڙن جي تعليم ۽ مستقبل بچايو وڃي.