بينگلورو(شوبز نيوز) ٽي مارچ تي بنگلورو جي عالمي ايئرپورٽ تي ڏکڻ ڀارت جي ناليواري اداڪارا رانيا راؤ جي گرفتاري انڊسٽري ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب رانيا رائو تي 14.2 ڪلو سون (جنهن جي ماليت 12.86 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي) اسمگلنگ جو الزام آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف ريونيو انٽيليجنس (DRI) کي اڳواٽ اطلاع ملي چڪو هو، جنهن تحت اداڪارا کي ايئرپورٽ تي ئي روڪي پڪڙيو ويو. جسماني جاچ دوران، رانيا جي رانن تي ٽيپ ۽ پٽين سان ٻڌل 14 سون جون سرون هٿ آيون، جيڪي هو مبينا طور تي ڪسٽم چيڪ کان بچڻ لاءِ لڪائي رهي هئي. پهرين رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو ته رانيا رائو سون پنهنجي جيڪٽ ۾ رکيو هو، پر ڊي آر آءِ جي جاچ کان پوءِ تصديق ڪئي وئي ته سون سڌو سنئون سندس جسم سان ٻڌل هو. هن ڪيس کي وڌيڪ حساس انڪري به سمجهيو پيو وڃي، ڇو ته 33 سالن جي رانيا رائو، ڪرناٽڪ جي هڪ سينيئر ڊي جي پي رينڪ جي آءِ پي ايس آفيسر جي ويڳي ڌيءَ پڻ آهي. ان انڪشاف کان پوءِ اهو خدشو وڌي ويو آهي ته اسمگلنگ نيٽ ورڪ ۾ ڪجهه وڏا نالا ملوث ٿي سگهن ٿا. جاچ جاري آهي ته رانيا رائو ڪنهن وڏي اسمگلنگ نيٽ ورڪ لاءِ ڪم ڪري رهي هئي يا اهو سڀ ڪجهه ذاتي طور تي ئي ڪيائين. واضح رهي ته رانيا رائو گذريل هڪ سال ۾ ستاويهه چڪر دبئي وئي، جنهن سبب ڊي آر آءِ کيس شڪ جي بنياد تي نگراني هيٺ رکيو ۽ نيٺ ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو.