رانوتي (رپورٽ: نصر الله چاچڙ) رانوتي ڀرسان تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 8 مسافر فوت، 8 کان وڌيڪ زخمي، خبر موجب ايم فائيو موٽر وي لوڪيشن 470 ڊرنگ ملوڪ والي وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ٽرالر سان پويان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 عورت ۽ ٻارڙن سميت 8 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 8 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ نورالاهي، مسمات روزينا، مسمات شگفتا، مسمات حسنات، مسمات انابيه ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ شفيق، سڀ خان، نعمت خان، مسمات ماهنور، حسن، ۽ ٻيا شامل آهن، حادثي بعد موٽر وي پوليس، ٻيلو ميرپور پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، جتان فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حادثو ڪوچ ڊرائيور کي ننڊ اچڻ سبب ٿيو، ٽرالر ۽ ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويا.