رانوتي (ن پ ا) رانوتي ويجهو پيرسن گهوٽڪي فيڊر ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ کنڊو خان جتوئي واسي پيرسن محمد مراد تڙت جتوئي آر ڊي 139 وٽ گهوٽڪي فيڊر ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش جي ڳولا شروع ڪئي پر پيرسن جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو، هوڏانهن واقعي بعد پيرسن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.