رانوتي (ن پ ا) رانوتي ويجهو ڪچي واري علائقي ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ شر سيلرا تڪرار تان 8 کان وڌيڪ هٿياربندن ڳوٺ محبوب سيلرو تي حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ گوليون لڳڻ سبب سيلرا برادري جو هڪ نوجوان ڀاڳيو سيلرو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته حنيف سيلرو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان جي اسپتال نيو ويو، مقتول جي ڀاءُ متارو سيلرو ٻڌايو ته 8 کان مٿي شر برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڀاگيو سيلرو کي قتل ڪيو، ايس ايچ او رانوتي ٻڌايو ته رانوتي روڊ تي هٿياربندن جو پوليس موبائل تي حملو ٿيو هو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس معجزانه طور محفوظ رھي، جڏهن ته پوليس جي ٻيهر ناڪابندي دوران رانوتي بچاءُ بند وٽان ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس جي مدد ۾ آيل ڳوٺ محبوب سيلرو جا رھواسي ڀاڳيو سيلرو مارجي ويو ۽ حنيف سيلرو زخمي ٿي پيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.