رانوتي(ن پ ا) رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ ڪيترائي سالن کان هلندڙ خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، گزريل رات دير سان شر برادري جي 20 کان مٿي هٿياربندن ڳوٺ ننڊو ڀٽو تي ڪاهه ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي ۽ راڪيٽ لانچر جا فائر ڪيا، جنهن ڪري 2 ڪلاڪن تائين علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو ۽ علائقي واسي خوف ۾ مبتلا رهيا، هوڏانهن ڀٽا برادري جي جوابي فائرنگ ۾ بدنام ڌاڙيل شاهن عرف شاهو پٽ ناٿو شر مارجي ويو ۽ بدنام ڏوهاري سنڙو شر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويل ڌاڙيل جو لاش ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا جڏهن ته شر برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ننڊو ڀٽو به زخمي آهي جنهن کي رحيم يارخان اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس اچ او رانوتي صفي الله انصاري جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڌاڙيل شاهن شر مٿان 10 کان وڌيڪ رانوتي ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن تي قتل ۽ اغوا جا ڪيس داخل ٿيل آهن، هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ 3 پوليس اهلڪار عبدالسميع سمون، عبدالحنان ملڪ ،شفيق احمد گل، جيڪي اوٻاوڙو کان رانوتي ڊيوٽي تي اچي رهيا تن کي مياڻي وٺ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن جي شهادت ۾ به مارجي ويل ڌاڙيل شاهن مک جوابدار هو.