قاضي احمد ( رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد ۾ سروري ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پنجون آل سنڌ  الحاج رئيس علي نواز خان انڙ ميموريل نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ دوران  اقراء جتوئي چينلجرس قاضي احمد ۽ ثاقب اسپورٽس ڪراچي سان ٿيو. جنهن ۾ ثاقب اسپورٽس پهريان بيٽنگ ڪندي 6 اور ۾  93  رنسون ٺاهيون جنهن جي جواب ۾ اقراء جتوئي چيلنجرس مليل حدف حاصل نه ڪري سگهي ۽ هارائي وئي. سوڀ ماڻيندڙ ڪراچي واسي علي رضا چانڊيو کي ٽيم جي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو جڏھن ته اسد شاھ کي بهترين بيٽسمين ۽ ڪراچي واسي اويس بھترين بالر قرار ڏنو ويو. مهمان خاص اڳوڻو تعلقي ناظم سردار ڄام افتخار علي انڙ، سيد اسد علي شاھ جيلاني، حاجي خان لاکو، ملنگ جتوئي ۽ ٻين فاتح ٽيم کي ونر ٽرافي ۽ موٽرسائيڪل انعام ڏنا ۽ رنر ٽيم کي پڻ ٽرافي ۽ ٻيا انعام ڏنا ويا. مذڪوره ڪرڪيٽ ٽورناميٽ دوران سنڌ جي مختلف شھرن جي 14 ٽيمن ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊي الھيار، نوشھروفيروز، مورو، نوابشاھ، سڪرنڊ، دوڙ، قاضي احمد، ڪنڊيارو سميت ٻين ٽيمن حصو ورتو. نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورناميٽ دوران وڏي انگ ۾ شوقين لطف انداز ٿيا جنهن بعد ڪرڪيٽ راند ھزارين شوقينن سنڌو درياءُ مان تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف  ڪئنال سمورا نامنظور  سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا پڻ ھنيا ويا.