ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي چيو آهي ته فرنچائز ڪرڪيٽ ايتري وڌي وئي آهي، جو بورڊ کي رانديگرن کي اجازت ڏيڻي پوندي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي بيٽر چيو ته فرنچائز ڪرڪيٽ جي اجازت ڏيڻي پوندي، ٻي صورت ۾ رانديگرن پاران رٽائرمينٽ وٺڻ جو خدشو آهي، عماد وسيم ۽ محمد عامر ان جو مثال آهن. هن چيو ته ڊيمن فليمنگ، مائيڪ هسي ۽ گلڪرسٽ جهڙن پليئرن به آءِ پي ايل کيڏڻ لاءِ رٽائرمينٽ ورتي ڇو ته فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ پئسا وڌيڪ ملندا آهن، رانديگر ويهه ڏينهن ۾ ايترا پئسا ملندا آهن جيترا هڪ سال ۾ بورڊ وٽان ناهن ملندا.