ڪراچي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي انتهائي اهم مقابلي ۾ ڀارت هٿان عبرتناڪ شڪست تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن پاڪستان ٽيم جي نيت ۽ صلاحيتن تي سوال اُٿاري ڇڏيا. آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي پنجين ميچ ۾ ڀارت پاڪستان ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني. ميچ ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي 51 هين سينچري اسڪور ڪئي، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ميچ کانپوءِ اڳوڻن پاڪستاني ڪرڪيٽرن ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي تي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته رانديگرن کي ماڊرن ڪرڪيٽ جو پتو ئي ناهي. اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو ته رانديگر هر وقت ڊپ ۾ مبتلا رهن ٿا، انهن کان بالنگ ٿئي ٿي، نه بيٽنگ ۽ نه ئي فيلڊنگ. فاسٽ بالر محمد عامر چيو ته جڏهن سسٽم ئي غلط ماڻهن تي ٻڌل هوندو ته پوءِ ٽيم مان بهتري جي اميد نٿي رکي سگهجي. محمد حفيظ جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم جڏهن چيمپيئنز ٽرافي لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ٿيو تڏهن وقت ئي ٽورنامينٽ جي ڊوڙ ۾ ٻاهر ٿي چڪي هئي. شعيب ملڪ ويرات ڪوهلي جي اننگز کي واکاڻ ڪندي چيو ته پنهنجي ملڪ ۽ اهڙن موقعن لاءِ هو ذهني طور تيار هوندو آهي. هن چيو جڏهن اوهان اهڙن مقابلن لاءِ تيار هوندا آهيو ۽ دٻاءُ ۾ کيڏڻ ڄاڻيندا آهيو ته پوءِ اوهان کي کٽڻ کان ڪير به نٿو روڪي سگهي. راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو ته پاڪستان ٽيم خرابي هڪ ڏينهن جي ڳالهه ناهي گذريل ويهن سالن کان هتي اِهو سسٽم هلي رهيو آهي، رانديگرن ۾ نه کٽڻ جي صلاحيت آهي نه ئي نيت.