اسلام آباد: تجزيي نگارن پاڪستان ايئر فورس طرفان فرانسيسي ڪمپني جي جديد رافيل سميت 6 ڀارتي جهازن کي نشانو بڻائڻ تي هندستاني وزيراعظم نريندر مودي لاءِ وڏو ڌچڪو قرار ڏئي ڇڏيو. مشهور اينڪر ۽ تجزيي نگار حامد مير چيو آهي ته پاڪستان ۽ هندستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهن، ڀارت جا 4 جهاز رافيل جهاز ٽاپ فائٽ ۾ ان وقت ڪيرايا ويا جڏهن هو پاڪستان طرف وڌي رهيا هئا پاڪستان جي ايئر ڊفينس سسٽم به هندستان جا 2 جهاز ڪيرايا.