اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڀارت جو بزدلاڻو حملو، عالمي مارڪيٽ پاران پاڪ فضائيه جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو. ذريعن موجب جي ايف 17 جهاز ٺاهيندڙ ڪمپني جي شيئرز ۾ 18 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو. عالمي سطح تي سيڙپڪارن پاران پاڪستاني جنگي جهازن جي واکاڻ ڪئي وئي ۽ چنگدو ڪمپني جي شيئرز ۾ اضافو ٿيو. دفاعي ماهرن مطابق ڀارت جي رافيل ٺاهيندڙ ڪمپني ڊساوالٽ ايوي ايشن جي شيئرز ۾1.64 سيڪڙو لاٿ اچي وئي، پنج ڏينهن ۾3.4 سيڪڙو شيئرز گهٽجي ويا. پاڪستان طرفان استعمال ٿيل جي ايف 17 ۽ جي 10 سي جهاز عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا. ڀارتي جهاز رافيل جي ناڪام ڪارڪردگي تي سوال اٿڻ لڳا. ڀارتي دفاعي وزارت موجب ڀارت فرانس سان 630 ارب رپيا (7.4 بلين ڊالر) جا 26 رافيل جهاز خريدڻ جو معاهدو ڪيو آهي، هڪ رافيل جهاز 228 ملين ڊالر ۾ پوندو.