راضيديرو(ن پ ا) راضيديرو لڳ واٽر ڪورس ايم آر 38 جي آبادگارن محمد عثمان کهڙو، محمد قاسم کهڙو، عبدالوحيد ميمڻ، شرف الدين ڪوري، فرزند هليو ۽ ٻين هارين ايريگيشن آفيسرن خلاف احتجاج  ڪندي دانهيندي چيو آهي ته رٽائرڊ داروغو ۽ رٽائرڊ بيلدار وارن بلا جواز اسان جو واٽر ڪورس بند ڪري رشوت گهري رهيا آهن. هنن چيو ته هڪ ته وارابندي لڳي پئي آهي، 15 ڏينهن بعد پاڻي آيو آهي هاڻي وري هنن واٽر ڪورس بند ڪري ڇڏيو آهي، اسان جا فصل سڙي سڪي رهيا آهن. اسان جو واٽر ڪورس پڪو ٺهيل آهي 50 سالن کان هن واٽر تان پاڻي کڻندڙ آهيون، ايريگيشن عملدار رشوت نه ڏيڻ سبب اسان جو پاڻي بند ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي. هنن ڊي سي خيرپور، اي سي گمبٽ،  مختيارڪار، ايس ڊي او گمبٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي پاڻي بند ڪندڙ رٽائرڊ عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري پاڻي جاري ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.