راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو ڀرسان محبوب ڪلهوڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ زهرو بڙدي ۾ جوابدار مسعود بڙدي نوجوان ناري جادل بڙدي کي دڪان اندر مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو، پوليس ناري کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي گمس اسپتال موڪليو، جتي ناري جا جزا ورتا ويا، ان سلسلي ۾ محبوب ڪلهوڙو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي وارثن اين سي داخل ڪرائي آهي ته جوابدار مسعود بڙدي ناري کي زبردستي دڪان ۾ کڻي ويو ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو، ميڊيڪل اچڻ بعد ناري سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، گھر ۾ صرف عورتون ويٺل آهن، سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.