راضيديرو(ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي اڳڙا جي شهر راضيديرو ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، گذريل رات رولو ڪتن درويش صفت انسان علي رضا ميمڻ تي حملو کيس رتورت ڪري ڇڏيو، جڏھن ته 2 ڏينهن اڳ 8 سالا معصوم نينگر سيد وفا حسين شاهه کي رولو ڪتن ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي بنيادي صحت مرڪز راضيديرو مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ويڪسين لاءِ گمبٽ اسپتال موڪليو ويو، رولو ڪتن جي آزار سبب معصوم ٻارن مردن توڙي عورتن ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي، شهرين ڪتا مار مهم شروع ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي.