راضيديرو(ن پ ا) راضيديرو لڳ ڍنڍ مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ، ٻڻ ٿاڻن ۾ حدبندي جي تڪرار سبب 4 ڪلاڪ لاش ڍنڍ ۾ پيل رهيو، رپورٽ موجب راضيديرو لڳ ڪچي جي ڳوٺ ملهار شيخ ڀرسان پراڻي ڍنڍ مان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو، محبوب ڪلهوڙو ۽ ٽيپاڻي بهليم ٿاڻن ۾ حد جي تڪرار سبب 4 ڪلاڪ لاش ڍنڍ ۾ پيل رهيو، واقعو سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ٽيپاڻي بهليم ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش ڪڍرائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب لاش پراڻو هو، جڏهن ته ان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.