گمبٽ/راضيديرو(نمائندن وٽان) راضيديرو ڀرسان خيرپور لاڙڪاڻو پل وٽ سنڌو درياءَ ۾ واري اڏامڻ لڳي، پاڻي جي کوٽ سبب ميربحر ٻيڙيون ڇڏي گھر هليا ويا، خيرپور لاڙڪاڻو پل وٽ سنڌو درياءَ ۾ هڪ کان ٻه فوٽ تائين پاڻي رهجي ويو، ان سلسلي ۾ ملاحن ۽ آبادگارن جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، خيرپور لاڙڪاڻو پل وٽ درياءَ سڪي ويو آهي ۽ ٻنهي پاسن کان اڌ اڌ ڪلو ميٽر تائين پاڻي سڪڻ ڪري درياءَ جي ٻيٽ ۾ صرف هڪ کان ٻه فوٽ پاڻي رهجي ويو آهي، جنهن ڪري ملاح به پنهنجيون ٻيڙيون ڇڏي گهر هليا ويا آهن، درياءَ ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري ملاح بيروزگار ٿي ويا آهن، هنن چيو ته سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪينال ٺهيا ته سنڌ جي زمينن سميت سنڌو درياءُ به سڪي ٺوٺ ٿي ويندو، جنهن سان وڏو ڏڪار پيدا ٿيندو، هنن چيو ته پاڻي زندگي جو جياپو آهي، وفاق هوش کان ڪم وٺي، سنڌ کي بنجر بڻائي پنجاب کي آباد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال ٺهڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.