راضيديرو ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، عدالت ويندڙ همراهه قتل، پٽ زخمي

0
14
راضيديرو ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، عدالت ويندڙ همراهه قتل، پٽ زخمي
راضيديرو ڀرسان زميني تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، عدالت ويندڙ همراهه قتل، پٽ زخمي

راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو  ڀرسان زميني تڪرار تان تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن جو عدالت حاضري تي ويندڙ پيءُ پٽ تي حملو، فائرنگ ۾ پيءُ مارجي ويو، پٽ زخمي، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب مھرو واھڻ وٽ لڪي ويٺل هٿياربندن عدالت حاضري تي ويندڙ ڳوٽ ڪئنچي واسي پيءُ پٽ مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب شفيع محمد کهڙو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ عابد علي کهڙو سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي اڳڙا پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي گمس اسپتال گمبٽ پهچايو، جتان مقتول جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي جو علاج هلندڙ آهي، مقتول جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ گهر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا، زخمي عابد کهڙو ٻڌايو ته پنهنجي ئي برداري جي ماڻهن سان زميني معاملو هلندڙ آهي، جن حملو ڪري والد کي قتل ڪيو، پوليس ٻڌايو ته کهڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو هلندڙ آهي، اڌڙوٽ شخص شفيع محمد کهڙو پٽ سميت گمبٽ حاضري تي ڪورٽ وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار 6 هٿياربندن مٿن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.