راضيديرو (ن پ ا) قمبر شهدادڪوٽ واسي سنجنا خيرپور ۾ مذهب مٽائي پنهنجو نالو فاطمه رکي گمبٽ ۾ نوجوان آڍو ڏهر  سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي، ان  سلسلي ۾ فاطمه دانهيندي چيو ته پنهنجي رضا خوشي سان اسلام قبول ڪرڻ بعد آڍو ڏهر سان پسند جي شادي ڪئي آهي، هن چيو ته منهنجا مائٽ ڏمرجي پيا آهن، جن منهنجي مڙس جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي، هن چيو ته اسان جي جانين کي خطرو آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.