راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو واسي مغوي پورهيت فرمان لاشاريءَ جي وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. رپورٽ موجب 28 ڏينهن اڳ ڪرين مشين جي سودي لاءِ شڪارپور وڃڻ کان پوءِ اغوا ٿيل فرمان لاشاريءَ جي وارثن امڙ ست ڀرائي، اختيار لاشاري، ڪامران علي ۽ مغويءَ جي چئن معصوم نياڻين قرآن پاڪ کڻي خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي ٻڌايو ته فرمان لاشاري، اخلاق، حبيب الله پٺاڻ ۽ حڪيم الله کي 28 ڏينهن اڳ ڪِرين مشين جي سودي لاءِ شڪارپور گهرائي اغوا ڪيو ويو. سندن جي بازيابيءَ لاءِ ڏيڍ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. اسان غريب پورهيت آهيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فرمان سميت چئني مغوين کي  بازياب ڪرايو وڃي.