راضيديرو (ن پ ا) راضيديرو لڳ ڪتر ڪندي نوجوان جون ٻئي ٻانهون ڪٽجي ويون. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. رپورٽ موجب راضيديرو لڳ ڳوٺ لنڊو کهڙو واسي نوجوان 22 سالن جو ڪوڙل کهڙو چوپائي مال جو چارو ڪتر ڪري رهيو هو ته ٻانهن مشين ۾ ڦاسي پئي. ان دوران ڦاٿل ٻانهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي سندس ٻِي ٻانهن به ڦاسي ڪٽجي وئي. واقعي بعد نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو آهي.