راضيديرو(ن پ ا) راضيديرو جي ڪچي ۾ جتوئي ۽ سيال ڌرين ۾ زميني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر تيز ٿي ويو، ڌرين جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌر جو عبدالرشيد جتوئي گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو ۽ عرفان علي ولد الهداد جتوئي سخت زخمي ٿي پيو. جنهن بعد وڌيڪ خونريزي جو خدشو وڌي ويو. محبوب ڪلهوڙو ۽ لانڍيون ٿاڻن جي پوليس امن بحال نه ڪرائي سگهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ واري صورتحال ڇانيل آهي. عام ماڻھو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا.