لنڊن(شوبز نيوز) راحت فتح علي خان جو برطانيا جو دورو شاندار ڪامياب، وجي ڀولا فنڪار کي ڪاميابي جو اصل هيرو قرار ڏئي ڇڏيو،  دنيا جي مشهور ڳائڻي راحت فتح علي خان لنڊن جي مشهور ويمبلي اوول ايرينا ۾ تقريبن 12 هزار مداحن جي سامهون پرفارم ڪري پنهنجو ئي اڳوڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ لنڊن ۾ راحت جو اهو پهريون لائيو ڪنسرٽ هو، جنهن ۾ مداح سندس سريلي آواز ۽ روح پرور غزلن تي جهومندا رهيا. ”ليگيسي آف دي خانز 2025 ٽور“ تحت راحت فتح علي خان برمنگهم، لنڊن ۽ مانچسٽر ۾ پرفارم ڪيو، ٽيئي شو مڪمل طور تي وڪرو ٿي ويا پر لنڊن جو شو سڀ کان وڏو ۽ نمايان رهيو. مشهور آرٽس پروموٽر ۽ راڪ آن ميوزڪ جي باني وجي ڀولا هن شاندار ڪامياب دوري لاءِ راحت فتح علي خان ۽ سندس ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته راحت فتح علي خان جهڙي عظيم فنڪار جي محنت ۽ موسيقيءَ جي طاقت ئي سامعين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي، پروموٽر جو ڪردار اهم آهي پر اصل ڪريڊٽ فنڪار ۽ سندس ساٿين کي وڃڻ گهرجي.دوري جي هڪ ٻي خاص ڳالهه اها هئي ته پهريون ڀيرو راحت جي پٽ شاهه زمان علي خان ان سطح تي پرفارم ڪيو. صرف 20 سالن جي شاهه زمان اڪيلي 5 قوال ڳايا جڏهن ته راحت به ساڻس گڏ هو. سندس ڳائڻ جو انداز ٻڌي سامعين کيس عظيم استاد نصرت فتح علي خان سان تشبيهه ڏني. ميڊيا سان ڳالهائيندي راحت فتح علي خان چيو ته برطانيا ۾ ٽن شوز جو جواب زبردست آهي. مون کي هميشه برطانيه ۾ پرفارم ڪرڻ پسند ڪيو آهي، اهو هڪ هنڌ آهي جتي سڄي دنيا مان ماڻهو اچن ٿا. منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته شاهه زمان کي ايترو پيار ڪيو وڃي ٿو. هو اسان جي بزرگن جي ورثي کي اڳتي وڌائيندو، هن وجي ڀولا جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هن دوري کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. راحت فتح علي خان جمعي تي برمنگهم، ڇنڇر تي لنڊن ۽ آچر تي مانچسٽر ۾ شاندار پرفارم ڪيو، جنهن کانپوءِ هو اسپين روانو ٿي ويو جتي سندس ايندڙ ڪنسرٽ شيڊول آهي.