ممبئي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شلا انڊين پريميئر ليگ جي مستقبل بابت اهم اپ ڊيٽ ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي راجيو شڪلا آءِ پي ايل جي مستقبل جي حوالي سان اهم اعلان ڪيو. هن چيو ته پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ جي ڪري آءِ پي ايک کي فوري طور تي صرف هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، پر حڪومت ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون جاري آهن، جنهن بعد شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي تي هن آءِ پي ايل جي ٻيهر شروع ٿيڻ بابت ڪا حتمي ڊيٽ لائين ته نه ڏني پر چيو ته ايونٽ صرف هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي.