اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي نيب مان وڏو رليف، راجا پرويز سميت ڪيترائي جوابدار رينٽل پاور ريفرنسز مان آجا قرار ڏنا ويا، احتساب عدالت نمبر 2 ٽن اهم ريفرنسز ۾ فيصلا ٻڌائي ڇڏيا، جج محمد علي وڙائچ رينٽل پاور پراجيڪٽس تحت داخل ٽن ريفرنسز تي فيصلا ٻڌايا، ڪارڪي شپ ريفرنس مان راجا پرويز اشرف سميت 11 جوابدار ڊسچارج، نيب ريفرنس ۾ 22 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، ڪارڪي ڪمپني پاران پاڪستان خلاف 200 ارب رپين جي نقصان جي دعويٰ پڻ داخل ڪئي وئي هئي، بَکي پاور پراجيڪٽ شيخوپوره ريفرنس ۾ واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين سميت ڇهن جوابدارن کي ڪيس مان آزاد ڪيو ويو، بَکي پاور پراجيڪٽ 96 ارب رپين جي لاڳت جو منصوبو هو، شرقپور پاور ريفرنس ۾ عدالت جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت شرقپور، بَکي ۽ ڪارڪي شپ ريفرنسز ۾ پنهنجا فيصلا ٻڌائي ڇڏيا.