فيصل آباد(م ڊ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته جيڪڏهن ٻيهر ڪو 12 آڪٽوبر نه مڙهيو ويو ته پاڪستان ٻن سالن ۾ معاشي بحران مان نڪري ايندو. فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته منارٽي ڪارڊ سميت ٻين پروگرامن جو مقصد آساني فراهم ڪرڻ آهي، موجوده مهانگائي ۾ ان رقم سان سهارو ملندو، مهانگائي جي شرح 38 کان 40 سيڪڙو هئي، ان کي گهٽائي 3 کان 4 سيڪڙو تي آندو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي رفتار کي حڪومت ڪنٽرول ۾ رکندي آهي، ان رفتار کي وڌيڪ هيٺ آڻينداسين، جڏهن به پاڪستان جي خدمت جو موقعو مليو ته اسان خدمت ڪئي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻيهر ڪو 12 آڪٽوبر نه مڙهيو ويو ته پاڪستان ٻن سالن ۾ معاشي بحران مان نڪري ايندو، وزيراعظم جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت ۽ آرمي چيف جي قيادت ۾ ايس آءِ ايف سي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو جيڪڏهن سچي ڳالهه ڪئي وڃي ته اها حقيقت آهي ته رياست جا ٽي ٿنڀ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن، رڳو ميڊيا چوٿون ٿنڀ ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو، مخالفن کي ڪارڪردگي خلاف ڪو نقطو نٿو ملي ته سرڪاري اشتهارن کي ايشو بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.