بيجنگ (م ڊ) چيني صدر 6 سالن کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا جي دوري تي پهچي ويو. چيني صدر شيجن پنگ ايشيا پئسفڪ اڪنامڪ ڪارپوريشن اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو پهچي ويو. 6 سالن ۾ چيني صدر جو اهو پهريون آمريڪي دورو آهي جتي صدر شي جن پنگ آمريڪي هم منصب صدر جو بائيدن سان ملاقات ڪندو.، چين ۽ آمريڪا جي صدر جي ملاقات ۾ اسرائيل فلسطين جنگ، يوڪرين جنگ ۽ اقتصادي صورتحال تي بگه ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جو امڪان آهي.