ڪنري (ن پ ا) پ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي، جھوني سياستدان ۽ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي ميمبر ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر چيو آھي ته رائو انوار پاران آصف زرداري تي الزام بازي ڪوڙي آھي، اگر اھڙو ڪو معاملو ھو ته نشاندھي ڪري ها، اليڪشن ڪميشن ڪم ڪري پئي، ڪجھه ڏينھن اڳتي پوئتي ٿي سگھن ٿا پر اليڪشن ٿيندي، ليول پليئنگ فيلڊ جي دانھن پ پ کي ڪرڻ گھرجي جنھن سان زيادتي ٿئي ٿي پر جنھن کي فل سپورٽ آھي اهي دانهون پيون ڪيون جيڪو مناسب ناهي، اھڙن خيالن جو اظھار هن ڳوٺ مانجھاڪر ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. نواب يوسف ٽالپر چيو ته چيئرمين بلاول انھن پوڙھن جي ڳالھ ڪئي آھي جيڪا مون اڳ اليڪشن وڙھي ويٺا آھن، آئون پوڙھو ناهيان ۽ اليڪشن وڙھندس، 16 سالن کان بند پيل ڪروڙين رپين جي  اسڪيمن بابت سوال تي نواب يوسف چيو ته ڪم شروع ڪرايون ٿا ته ٻي نگران حڪومت اچي ويندي آھي ۽ ڪم رهجي وڃن ٿا.