رائونتي (ن پ ا) رائونتي ڪچي ۾ لوڊر رڪشو ھلائيندڙ پورھيت نوجوان عبدالحميد چاچڙ جو واهه جي ڪپ تان گولي لڳل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي وارثن پهچي نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارث گهر کڻائي ويا، ٻي طرف نوجوان جي وارثن رائونتي ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن مٿان شروعاتي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي آھي، ٻي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته جوابدارن نوجوان کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ کانپوءِ ھڪ ناري کي قتل ڪري لاش کي به گم ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ناري جي قتل جيس پوليس سميت ڪنهن به ڌر تصديق ناهي ڪئي، هوڏانهن  رائونتي پوليس موجب ته ناري جي قتل بابت اڃا  تصديق نه ٿي آهي،  نوجوان جي وارثن به جوابدار ظاهر ناهن ڪيا، جاچ ڪري رهيا آهيون.