رائونتي ۾ مغوين ۽ ڌاڙيل کي مارڻ بعد ڌاڙيلن پاران باقي مغوين جي وڊيو جاري

0
336

ڏهرڪي: رائونتي ۾ مغوين ۽ ڌاڙيل کي مارڻ بعد ڌاڙيلن پاران باقي مغوين جي وڊيو جاري، رائونتي ۾ مغوين پاران ڌاڙيل کي مارڻ بعد ڌاڙيلن پاران باقي مغوين جي وڊيو جاري ڪئي وئي

ڌاڙيلن هٿان مارجي ويلن جا  نالا اڪرام ۽ ياسين ٻڌايا ويا، جيڪي پنجاب جي فيصل آباد رهواسي هئا، پنجاب ۽ سنڌ پوليس  حدن جا تڪرار ڄاڻائي ڌاڙيلن کان لاش به نه وصول ڪري نه سگهي

لاش ۽ مغوي ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهن، ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل مغوين جي وڊيو وائرل ٿي وئي، وڊيو ۾ مغوي صورتحال بابت ٻڌائي رهيا آهن

ياد رهي ته پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين پاران هڪ ڌاڙيل کي قتل ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ته 2 مغوي پڻ مارجي ويا هئا، هڪ زخمي ٿي پيو هو، ڌاڙيلن وٽ رهجي ويل مغوين پاران آزادي جي اپيل ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

پنجاب جي ڪچي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا