گهوٽڪي(رپورٽ: ماجد سنگهڙ) ڏهرڪي ڀرسان ٻڪريون فصل ۾ گهڙڻ تي بااثرن مبينا طور 8 ورهين جي نينگري کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪري لاش ڏھر واهه ۾ لوڙهي ويو، ڏھرڪي ٿاڻي جي حد ڏھر واھ مان 8 ورھين جي نينگري شهميره جو تشدد ٿيل لاش لڙهندو ڏسي علائقي واسين ٻاهر ڪڍي پوليس کي اطلاع ڪيو اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معصوم نينگري جو لاش ٻاهر ڪڍرائي سول اسپتال ڏهرڪي پهچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويل معصوم نينگري شهميره شر جي  والد مجاهد حسين شر سول اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته ڌيءُ گھر ڀرسان چوپايو مال سال بيٺل ھئي ته ٻڪريون فصل ۾ گهرڻ تي علائقي جي بااثر شبير احمد ڪانڃڙا ڏهر، قربان علي ڏهر ۽ شوڪت پنجاپي ڌيءِ مٿان تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش واهر ۾ لوڙهي ڇڏيو ڄاڻايل جوابدارن مونسان ظلم ڪيو آهي. معاملي جو ايس ايس پي گهوٽڪي وٺي ڌيءُ شهميره کي قتل ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڏهرڪي پوليس نينگري جي وارث جي نشاهندي تي هڪ ڄڻي شوڪت پنجابي کي گرفتار ڪري ورتو آھي پوليس موجب ته گرفتار جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي گهرام مچي ويو.