رائونتي (ن پ ا) رائونتي پوليس مقابلي دوران هڪ مغوي کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، پوليس موجب رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويو، گهيرو تنگ ٿيڻ بعد ڏوهاري مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، بازياب ٿيل مغوي لاهور جو رھواسي خان مير پٺاڻ آهي، جيڪو 7 مهينا اڳ نوڪري جي بهاني گهرائي ڪشمور جي علائقي مان اغوا ٿي ويو هو، بازياب ڪرايل مغوي کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ۽ ڀنگ ڀرڻ جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي آهي.