رائونتي(ن پ ا) رائونتي ٻيلي مان غير قانوني وڻن جي واڍي جاري آهي، جڏهن ته انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي. روزاني بنياد تي وڻن سان ڀريل رڪشا رائونتي ٻيلي مان نڪري مختلف هنڌن تي وڪرو ڪيا وڃن ٿا، کاٺ سان ڀريل رڪشن جا ويڊيوز ٽائيم نيوز ٽيم هٿ ڪري ورتا آهن، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن غير قانوني عمل ۾ لاڳاپيل عملدارن جي شموليت آهي. ٻيلي جي تباهي سان ماحولياتي نقصان ٿي رهيو آهي، مقامي ماڻهن جنگلات کاتو ۽ اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي نوٽيس وٺي، ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري ٻيلي کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.