رائونتي(ن پ ا) رائونتي ٿاڻي جي ڳوٺ رنگپور ۾ هڪ گهر تي هٿياربندن جي چڙاهي ڪري گهر ۾ گهڙي گھر م ستل 20 ورهين جي رخسانه زال علي نواز ڪوش کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، اطلاع تي رائونتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آئي جٿي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن مقتولا جي سهري اميردين ڪوش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ياسين ڪوش نصير ڪوش منهنجي ننهن کي قتل ڪري فرار ٿي ويا اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، منهنجي ننهن کي ناحق قتل ويو آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل آهي ته مون سان انصاف ڪري جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي، جڏھن ته ايس ايڇ او رانوتي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.