رائونتي (ن پ ا) رائونتي ويجهو ڪچي واري علائقي ماڇڪو (پنجاب) ٿاڻي جي حد ۾ سيلرا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو غلام حسين مارجي ويو، جڏهن ته پهلوان زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي ماڇڪو پوليس جهيڙي واري هنڌ پهچي مقتول جي لاش ۽ زخميءَ کي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو. نوجوان جي قتل بعد جوابدار فرار ٿي ويا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.