رئيس رانڀوٽي خان جي خيرات

0
41
رئيس رانڀوٽي خان جي خيرات

   هونئن ته رئيس رانڀوٽو خان پنهنجي مرضي جو پاڻ مالڪ آهي سو جڏهن به جن جاڳندو اٿس تڏهن خيرات ڪري ڇڏيندو آهي پر جيڪڏهن جِن هونئن نٿو جاڳيس ته پوءِ هر پنجين سال هڪ وڏي خيرات لازمي ڪندو آهي. رئيس رانڀوٽي خان جي خيرات جي ڳالهه اوهان کي ٻُڌايون ٿا پر ان کان پهرين ڳالهه نڪتي آهي سندس جِن جي ته پوءِ اوهان کي اهو به ٻُڌائيندا هلون ته کيس جڏهن به جِن جاڳندو آهي تڏهن سامهون واري کي رانڀوٽا هڻي ڇڏيندو آهي. جن جاڳندو اٿس ته پوءِ اهو نه ڏسندو آهي ته سامهون ڪير آهي! اهو جِن ساڻس ماءُ پيٽان ئي گَڏيو آيو آهي. ڪُوڙي الائي سچي، ڳالهه ڪندا آهن ته  هُو جڏهن ماءُ پيٽان نڪتو هو ته ان وقت به اهو جِن جاڳيو هئس جو نڪرندي ئي سامهون نظر ايندڙ دائي کي رانڀوٽا هڻي هن جو حُليو ئي بگاڙي ڇڏيو هئائين. انهي ڪري سندس نالو ئي رانڀوٽو خان رکيو هئائون. چون ٿا ته ڄائي ڄم کان سندس ننهن به اهڙا هئا جهڙا نيش! هُو هن وقت تائين ڪيترن ئي ماڻهن کي رانڀوٽا هڻي چڪو آهي. آڙي پاڙي جو شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جيڪو هن جي رانڀوٽن کان بچيل هجي! افسوس جهڙي ڳالهه اها به آهي ته بازار ۾ نانگ جي ڪکجڻ کان ڪُتي جي چڪجڻ تائين جو ته علاج آهي پر رئيس رانڀوٽي خان جي رانڀوٽي جو ڪو به علاج ڪونهي ڪو! خير رڳو رئيس رانڀوٽي جي گلا به چڱي ڪانهي، رئيس رانڀوٽو خان يارن جو يار به رهيو آهي.

رئيس رانڀوٽو خان جنهن ڳوٺ جو والي وارث آهي، اتي جا ماڻهو مِٽي کائيندا آهن. اتي ڪنهن کي به اڃا ماني نصيب ڪانهي ٿي. ماني رڳو رئيس رانڀوٽو ئي کائيندو آهي. جيئن ته رئيس رانڀوٽي خان ۾ ڪي خوبيون به آهن سو تن مان هڪڙي خوبي اها به اٿس ته هُو خيرات ۾ ڪڻڪ جون مانيون تيار ڪرائيندو آهي ۽ پوءِ سندس ڪمدار، ڪمدار ڪُٽڪو خان اهي مانيون کڻي ٻاهر قطار ۾ بيٺل غريب عوام ۾ ورهائيندو آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رئيس رانڀوٽي خان جي ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍا ناشڪرا آهن. توڙي جو رانڀوٽن جي خوف کان رئيس جي سامهون ته ڪير ڪونهي ڪُڇندو پر پنهنجي منهن هرڪو پيو هاءِ گهوڙا ڪندو آهي.

اهو ته هو ايستائين جو سچ، ان کان اڳتي جي حقيقت هِيءُ آهي ته، اسان جو دوست ڌاتورو درويش ڄائي ڄم کان رئيس رانڀوٽي جي بنگلي ۾ ئي رهيو آهي. ڌاتوري درويش جو ابو به رئيس رانڀوٽي جي ابي کي زور ڏيندو هو ۽ ان جي تيل مالش ڪندو هو. ڌاتوري جو ڏاڏو به رئيس رانڀوٽي جي ڏاڏي کي ايئن زور ڏيندو هو ۽ ان جي تيل مالش ڪندو هو، ڌاتوري جو پڙ ڏاڏو، ۽ تڙ ڏاڏو به رئيس رانڀوٽي جي پڙ ۽ تڙ ڏاڏي جي تيل مالش ڪندي ڪندي گذاري ويا هئا هُنن ڪڏهن به بنگلي مان ٻاهر نڪري قدرت جو وڇايل وسيع پَٽ نه ڏٺو هو. سو ڌاتورو درويش به پنهنجي ابن ڏاڏن واري ڪِرت ستن پيڙهين کان سنڀاليو ٿي آيو. هن به ڄائي ڄم کان ڪڏهن بنگلي مان ٻاهر نڪري آزاد فضا نه ڏٺي هئي. هن ٻاهر نڪري ڪڏهن اها ڊگهي قطار به نه ڏٺي هئي جيڪا ڪڻڪ جي ماني جي خيرات لاءِ بنگلي ٻاهران لڳندي هئي. اسان کي به جڏهن يار جي سِڪ لڳندي آهي ته اسان به رئيس رانڀوٽي جي غيرموجودگي جو فائدو وٺندي اتي ئي ملي ايندا آهيون.

خير، رئيس جي انهي خيرات بابت رانڀوٽي خان جي خلاف جڏهن گهڻا افواهه پکڙجڻ لڳا تڏهن ڌاتوري درويش کان رهيو نه ٿيو. ۽ پوءِ بعد ۾ جڏهن رئيس رانڀوٽي کي جِن جاڳيو ۽ هُن خيرات جو اعلان ڪيو تڏهن اسان جي دوست ڌاتوري درويش صدين جي روايت ٽوڙي وِڌي. هن رئيس جي رانڀوٽن جو رِسڪ کڻندي به رئيس کي هٿ ٻَڌي عرض ڪيو ته، “رئيس، جي ناراض نه ٿيو ته هن ڀيري خيرات جون مانيون قطار ۾ بيٺل ماڻهن ۾ آئون ورهائيندس.”

رئيس رانڀوٽي خان چيو کيس هيڪر ايئن دوڏا ڦاڙي ڏٺو ڄڻ ڌاتوري کي ڦوڪ سان اڏاري ڇڏيندو پر پوءِ الائي ڇا ٿيو جو رئيس سندس ڳالهه مڃي ورتي.

پوءِ خيرات واري ڏينهن ڌاتوري درويش مانيون کڻڻ کان پهرين سوچيو ته ٻاهر قطار ۾ بيٺل ماڻهن جي ڳڻپ ڪري اچجي سو هُو هڪدم ٻاهر ويو ۽ ماڻهن کي ڳڻڻ لڳو. ماڻهن جا مُنهن ٿوهر جهڙا هئا پر پوءِ ته ڌاتوري جي ان عمل سندن چهرن تي مُرڪ پکيڙي. ڌاتورو قطار ۾ بيٺل ماڻهو ڳڻيندو ڳڻيندو رئيس رانڀوٽي جي بنگلي کان ڪمدار ڪُٽڪي جي در تائين وڃي پهتو هو. هن ماڻهو ڳڻيا ۽ واپس رئيس وٽ مانيون کڻڻ آيو. رئيس رانڀوٽي ڌاتوري درويش کي  50 مانيون ڏيندي چيو، “وڃ ڌاتورا! ماڻهن ۾ ورهائي اچ.”

ڌاتورو پريشان ٿي ويو. هن چيو، “رئيس! ٻاهر قطار ۾ 550 ماڻهو بيٺا آهن، هي 50 مانيون انهن ۾ ڪيئن پوريون پونديون؟ . . . ماڻهو ته منهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيندا!”

رئيس رانڀوٽي مُرڪي ڪمدار ڪُٽڪي ڏانهن ڏٺو. ڪمدار ڪُٽڪي هاڪار ۾ ڪنڌ هيٺ نمايو. رئيس رانڀوٽي اهي مانيون ڪمدار ڪُٽڪي جي حوالي ڪيون ۽ ڏانئڻ جهڙا ڏند شيڪيندي ڌاتوري درويش کي چيائين، “تون تيل مالش کان اڳتي نه سوچ ڌاتورا! . . . ٻيا ڪم تنهنجي وس جا نه آهن.”

ڪمدار ڪُٽڪو جيئن ئي اهي مانيون کڻي ٻاهر نڪتو ته ڏانهنس اشارو ڪندي رئيس رانڀوٽي ڌاتوري دوريش کي چيو، “وڃي ڏس ته ڪم ڪمدار ڪيئن ٿو ورهائي. . . . سڀني ۾ پوريون. . . . ”

ڌاتورو درويش هڪدم رئيس جي پيرن مان اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو ڪمدار جي تعاقب ۾ نڪري ويو. ڪمدار ڪُٽڪو 50 مانيون کنيو بنگلي کان ٻاهر نڪتو. قطار ۾ بيٺل پهرئين ماڻهو کي هُن ماني ڪونه ڏني، ٻئي کي ڪونه ڏني، هُو ٽئين همراهه کان به اڳتي نڪري ويو ۽ ايئن بنا ڪنهن کي ماني ڏيڻ جي اڳتي هلندو رهيو. قطار ۾ بيٺل هر ماڻهو، جنهن کان ڪمدار مَٽيو ٿي ويو تنهن ڪنڌ ڦيرائي ڪڻڪ جي مانين کي حسرت ڀرين نگاهن سان ٿي ڏٺو. اسان جي دوست ڌاتوري درويش ڀانئيو ته، ڪمدار ڪُٽڪو قطار کي هُن ڇيڙهي کان يعني پنهنجي گهر جي در کان شروع ڪندو سو آهستي آهستي هُن جي پُٺيان هلندو رهيو. پر ايئن نه ٿيو. ٿيو هيئن جو ڪمدار ڪُٽڪو 50 مانيون کنيو قطار جي آخري ماڻهو کان به مَٽي ويو ۽ وڃي پنهنجي در تي پُهتو. هُن جي در تي هڪ ڪن وڍيو ڪُتو ٻڌل هو، ڪمدار ڪُٽڪي 2 مانيون ان ڪُتي کي ڏنيون ۽ باقي مانيون پنهنجي گهر کڻي هليو ويو.

رئيس رانڀوٽي خان جي خيرات وري اڄ صبحاڻي تي آهي. پر اسان جي دوست ڌاتوري درويش جي دماغ ۾ رئيس جا اهي لفظ گونجي رهيا آهن ته، “تون تيل مالش کان اڳتي نه سوچ ڌاتورا! . . . ٻيا ڪم تنهنجي وس جا نه آهن.”