ذھني آجپي لاءِ تدريس- II

0
285
ذھني آجپي لاءِ تدريس- II

ذھني غلامي جو سڀ کان وڏو سبب مناسب طرح ۽ آزادي سان سوچي سگھڻ جي صلاحيت جي کوٽ آهي، انڪري ئي تعليمي ماھرن جو چوڻ آهي ته اسڪول معاشري جي جيڪا سڀ کان وڏي خدمت ڪري سگھن ٿا، اھا آھي ٻارن کي مناسب طرح سوچڻ سيکارڻ. اسانجي معاشري ۾ صدين کان ماڻهو بنا سوچڻ جي اھو ڪجهه  ڪندا پيا اچن، جيڪو ھنن معاشري ۾ ٿيندي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي يا وري کين ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

                 ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري ته جيڪو ماڻهو معاشري جي فرسوده روايتن ۽ طور طريقن جي خلاف شعور ۽ عقل يا منطق جي بنياد تي ڪو عمل ڪري ٿو يا آواز اٿاري ٿو يا سائنسي بنيادن تي انساني مسئلن جا حل پيش ڪري ٿو، پٺتي پيل يا ذھني مفلوج معاشرا ان کي بيوقوف، سماجي قدرن جو مخالف، بي ادب ۽ ڪافر سمجھن ٿا.

                 رجعت پسند معاشرا اھڙن ‘بي ادب’ ماڻھن ۽ انهن جي ڳالھين ۽ ڪمن کي سماج دشمن، قانون شڪن، غدار وطن ۽ مذهب دشمن قرار ڏين ٿا ۽ کين سزائون ڏنين ٿا. اھڙن مثالن سان انساني تاريخ قبل مسيح دور کان جديد دور تائين ڀريل آھي، جتي سائنـس ۽ منطق استعمال ڪرڻ جي گناھ ۾ ڪيترن ئي عالمن کي سزائون ڏنيون ويون. يونانين سقراط کي زھر جو پيالو پياري سندس آواز کي ھميشه لاءِ بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسڪندريا ۾ ھيپاٽيا کي جنوني عيسائين جي ٽولي قتل ڪري ڇڏيو. زڪريا رازي کي سندس لکيل ڪتاب سان مٿي تي ايستائين ڌڪ ھڻڻ جو حڪم ڏنو ويو، جيستائين رازي مري وڃي يا ڪتاب ڦاٽي پوي. ڪتاب مٿي تي ھڻڻ جي نتيجي ۾ زڪريا اکين جو نور وڃائي ويٺو. الڪندي کي سٺ سالن جي عمر ۾ ڪوڙا ھنيا ويا. مائيڪل سرويٽس کي سندس ڪتابن سان گڏ ساڙيو ويو.

سنڌ ۾ به منطق ۽ سوچ استعمال ڪرڻ، جيڪو ذھني آجپي لاءِ ضروري عمل آهي، ان جي ڏوھ ۾ ڪيترن ئي عالمن تي ڪفر جون فتوائون ڏنيون ويون ۽ گھاڻي ۾ به  پيڙايو ويو. شايد ڪفر جون فتوائون ۽ قتل ٿيڻ جو خوف ايڏو  ڀوائتو آهي، جو فرد ته  ڇا پر اسان جا درسگاھ ۽ تدريس جو عمل به پاڻ کي ان خوف کان آزاد ڪري نه سگھيا آهن. ان صورتحال ۾ ذھني آجپي واري تدريس جا امڪان بنھ نه ھجڻ جي برابر آھن.

سنڌ جي اھڙي ٻوساٽيل ماحول ۾ انسانن جي لاءِ سندن کسجي ويل انسانيت واپس وٺڻ لاءِ ۾ ذھني آجپي جي تدريس کانسواءِ ڪو ٻيو حل ممڪن نه آهي يا گھٽ ۾ گھٽ منهنجي محدود سمجهه ۾ نه پيو اچي. ذھني آجپي جي تدريس لاءِ سڀ کان پھريون اھڙن صحتمند ذھن وارن استادن جي ضرورت آھي، جيڪي سنڌ اندر ماڻهن کان ڦُريل انسانيت جو ادراڪ رکندا ھجن ۽ انهن ۾ پنھنجن ماڻهن لاءِ انسانيت واري ماحول کي پيدا ڪرڻ ۾ دلچسپي ھجي. ذھني صحتمند استاد غلامانا ذھنيت کان آزاد ھوندو آهي يا گھٽ ۾ گھٽ انـکي اھو ادراڪ ھوندو آهي ته ھو خود ان معاشري جو حصو آھي، جتي انسانن کان انسانيت ۽ شعوري آزادي ڦُري کين ذھني غلام بڻايو ويو آهي.

اھڙا استاد سياسي، معاشي، مذهبي، معاشرتي وھمن ۽ وسوسن کان آزاد ھوندا آھن. واضح رھي ته جنھن استاد کي نوڪري ڪنهن اڻ سڌي طريقي سان ملي ھوندي، ان ۾ ذھني صحتمندي جي اميد نه ڪرڻ گھرجي. جيڪي استاد صرف ۽ صرف ميرٽ تي ڀرتي ٿيا ھجن ۽ ھو استادي پيشي کي پنهنجي لاءِ سڀ کان عظيم پيشو سمجھي ۽ پاڻ ھميشه استاد رھڻ جي خواھش رکندا ھجن، اھي ذھني آجپي واري تدريس جو عمل بخوبي ادا ڪري سگھن ٿا.

ذھني آجپي جي تدريس لاءِ ھيٺ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون پر اھي تجويزون حرف آخر نه آهن. انهن کي وڌيڪ جامع به ڪري سگهجي ٿو ته انھن ۾ ٻيا ڪيترائي نقطا شامل ڪري سگھجن ٿا.

* فرمانبرداري جو خاتمو:

فرمانبرداري جو تصور اسانجي معاشري ۾ تمام اھم آهي. والدين جي فرمانبرداري، وڏن جي فرمانبرداري، ۽ استاد جي فرمانبرداري وغيره وغيره. اهي اھڙا عنصر آھن، جيڪي خاموشي سان معاشري جي شعوري تباھي جو ڪم ڪندا رھن ٿا. ياد رھي ته وڏن جي عزت ڪرڻ ضروري آهي پر فرمانبرداري ھڪ ٻي شئي آهي، جيڪا انسان مان نون رستن جي تلاش ڪرڻ، سوچڻ ۽ تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. جيڪڏهن استاد شاگردن مان فرمانبرداري جي اميد ڪري ٿو ته سندس اھو قدم ذھني غلام پيدا ڪرڻ ڏانهن  پھريون قدم آهي. اسانجي معاشري کي ترقي ڪرڻ لاءِ آزاد فردن جي ضرورت آهي، جيڪي آزادي سان سوچي سگھن، مسئلن کي سمجهي ۽ انهن  جا حل پيش ڪري سگھن. اسانـجي معاشري کي اھڙن انڌي تقليد ڪندڙ فرمانبردارن جي ضرورت نه آهي، جيڪي ھر وقت ڪنهن نه ڪنهن آقا جو حڪم مڃڻ لا۽ تيار ھجن.

* درسي ڪتابن تي غير ضروري انحصار:

ڪتابن جي اھميت کان ته ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. ان معاملي ۾ ٻن عنصرن کي سمجهڻ گهرجي. ھڪ ته درس تدريس جي عمل ۾ مرڪزي حيثيت ڪتاب جي نه پر سکندڙ ۽ سيکاريندڙ جي آھي ۽ ٻيو ته جنهن معيار جا درسي ڪتاب اسانکي ميسر آھن، انھن جي معيار تي تمام وڏا سواليا نشان لڳل آھن. انڪري استاد ۾ اھا صلاحيت ھجڻ ضروري آهي ته ھو درسي ڪتابن تي انحصار گھٽ ڪري ۽ جيڪڏهن ڪتاب فراھم نه ھجن ته به درس و تدريس جو عمل جاري رکي سگھي. ان سا گڏ ذھني آجپي لاءِ درسي ڪتابن جي محدود نصابي دائري کان ٻاھر نڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي ته جيئن شاگرد  درسي ڪتابن جي جادوءَ کان ٻاھر نڪري حقيقت تي مبني مواد جو به جائزو وٺي سگھن.

* امتحان جو خوف:

امتحان جو خوف شاگردن ۽ استادن ٻنهي لاءِ ذھني پيڙا ۽ خوف جو سبب بنجي ٿو، جنهن ڪري شاگردن جي ذھني اوسر کي رھندو نقصان پوي ٿو. ان مسئـلي کي حل ڪرڻ ايترو آسان نه آهي ۽ دنيا جا سڌريل تعليمي نظام به امتحان جي ڀوت مان جان نه ڇڏائي سگھيا آھن پر انھن امتحان جي طريقن ۾ ڪافي بھتري آندي آھي. اسان جو موجوده امتحاني عمل اڄ به برطانوي بيٺڪيت جي ڏنل طريقي مطابق ھلي رھيو آهي.

جيتوڻيڪ امتحاني طريقن کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪا راڪيٽ سائنس گھربل ڪونه آهي. سنڌ جي تعليم جي معروضي حالتن ۾ ذھن آجپي لاءِ تدريس ۾ استاد لاءِ ان صلاحيت جو ھجڻ تمام ضروري آهي ته  شاگردن جي تدريس جي عمل کي ايترو سنجيده ۽ پرزور بنائي ڇڏين جو شاگردن مان ھڪ طرف امتحان جو خوف ختم ٿي وڃي ۽ ٻئي طرف وٽن ايترو مواد موجود ھجي، جو امتحان انهن لاءِ ھڪ انتھائي معمولي سرگرمي کان وڌيڪ اھميت نه رکي.

 شاگردن جي ڳوٺن ۽ شھرن جي حقيقي مسئلن، حقيقتن، ثقافت ۽ مونجھارن کي تدريسي مواد ۾ شامل ڪرڻ:

ڪنهن به عمل بشمول تعليم ۽ تدريس جي جيستائين ان جو تعلق انساني سماج جي سچاين سان واضح طرح ڳنڍيل نظر نٿو رھي، ان ۾ ڪنهن به طرح سمجھدار شاگردن جي لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ ناممڪن آهي. جيڪو مواد انسان جي حقيقي زندگي جي مسئلن کان پري نظر اچي ٿو، ان ۾ ڪي جن ڀوت ته دلچسپي وٺي سگهن ٿا پر عام انسان لاءِ اھو مشڪل آھي. ذھني آجپي لاءِ تدريس ۾ اھو ضروري آھي ته اسڪول جنهن ڳوٺ يا شھر ۾ ھجي، ان ڳوٺ يا شھر جي مسئلن، حقيقتن، مونجھارن ۽ ثقافت کي درسي مواد جو حصو بنائي ته جيئن ٻار پنهنجي علائقي جي باري ۾ باخبر ٿيڻ سان گڏ علائقي جي مسئلن جا سائنـسي حل سوچن ۽ ڳولي سگھن. اھڙي طرح منجهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت اجاگر ٿيندي.

* تدريس جي عمل ۾ عام ماڻهن جي شموليت:

اسڪول سماجي ادارو آهي ۽ سماج جي بھتري لاءِ ڪم ڪري ٿو ۽ ان عمل کي مڪمل طرح سماجي بنائڻ بنھ ضروري آهي، ان لاءِ اھو ضروري نه آهي ته اسڪول ۾ تدريسي عمل کي بھتر بنائڻ لاءِ صرف لکيل پڙھيل والدين يا ڪميونٽي ميمبرن جون خدمتون حاصل ڪجن پر معاشري جا سڀئي ڪارائتا ماڻهو اسڪول ۾ تدريس کي بھتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسڪولن جي مالڪي ڪن ۽ تدريسي عمل ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين. ذھنـي آجپي لاءِ تدريسي عمل جو مڪمل شراڪتي ھجڻ ضروري آهي. جيستائين معاشري جا سڀ فرد ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ذھني آجپي واري تدريس جو حصو نه آهن، ايستائين مڪمل آجپو ممڪن نه آهي. انڪري اھو به ضروري آهي ته تدريس جي عمل ۾ مرد ۽ عورتون برابر جا شريڪ ھجن.

مٿي بيان ڪيل اھي چند عنصر آهن، جيڪي ذھني آجپي جي تدريس جي لاءِ ضروري بنياد فراھم ڪن ٿا پر انھن ۾ استادن جو ھڪ مرڪزي ڪردار آهي. استاد جيڪڏهن برابري جي بنياد تي ڪميونٽي جي ماڻهن جي شراڪت کان انڪار ڪندا ۽ پاڻ کي ھڪ اعليٰ مخلوق سمجھندا ته پوءِ تدريس جو عمل ذھني آجپي جو سبب بڻجي نه سگھندو. استادن جي لاءِ اھو سمجھڻ ضروري آھي ته جيڪڏهن  پڙھائڻ پيغمبري پيشو آھي ته ھارپو، لوھارڪو ۽  واڍڪو ڪم به پيغمبري پيشا آھن.